سچل سرمست 3

سچل سرمست 3

سچل سرمست 3

سچل سرمست 3

سچل سرمست 3

سچل سرمست 3

سچل سرمست 3

سچل سرمست (ڪتاب): مشهور صوفي عالم ۽ اديب ڄيٺمل پرسرام، سچل سرمست بابت مني صدي اڳ ’سچل سرمست‘ عنوان سان ڪتاب لکي ڇپائي پڌرو ڪيو ۽ ناياب ٿي ويو هو. سچل چيئر شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور پاران نڪرندڙ تحقيقي جرنل ’آشڪار‘ جي ٻي ڪڙيءَ طور، محترم اياز گل، ڄيٺمل پرسرام جو ڪتاب ’سچل سرمست‘ ۽ لالچند امرڏنيمل جو ڪتاب ’سونهارو سچل‘ گڏي ترتيب ڏئي جون 1990ع ۾ ڇپائي پڌرا ڪيا. ڪتاب جي هڪ پاسي ’سچل سرمست: ڄيٺمل پرسرام‘ ۽ ٻئي پاسي ’سونهارو سچل: لعلچند امر ڏنو مل‘ جا ٽائٽل ڏنا ويا آهن. جڏهن ته ترتيب ۾ پهرين ’سونهارو سچل‘ ۽ پوءِ ’سچل سرمست‘ ڪتاب رکيا ويا آهن.
سچل سرمست‘ جو پهريون ڇاپو، 1922ع ۾ نئين سنڌي لائبريري، حيدرآباد، ڀارتواسي پريس، حيدرآباد ڇپائي پڌرو ڪيو هو. جڏهن ته ’سونهارو سچل‘، مارچ-اپريل 1916ع ۾ سنڌي ساهت سوسائٽي، ڪراچيءَ ڇپائي پڌرو ڪيو هو. هي ڊيمي سائيز جي 90 صفحن تي مشتمل آشڪار-2 جو پرچو جون 1990ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو ۽ ان جي قيمت 30 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو